حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ مراد سعيد، زرتاج گل سميت 51 جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي گجراناوالا ڪينٽ ۾ حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ مراد سعيد، حماد اظهر، عمر ايوب، زرتاج گل سميت 51 جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

گجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ ملوث 51 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جاري رکندي جوابدارن جي گهرن ۽ شهر جي اهم هنڌن تي اشتهار لڳائڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي

ياد رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدم پيشي تي جوابدارن جا ناقابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪري رکيا آهن، ڪيس ۾ دهشتگردي سان گڏ 302 جي شق به لڳائي وئي آهي

عدالت جن 51 جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ ۽ انهن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي انهن ۾ مراد سعيد، حماد اظهر، فرخ حبيب، عمر ايوب، علي امين گنڊاپور ۽ زرتاج گل به شامل آهن

ان کانسواءِ زبير نيازي، اڪرم ساهي، شوڪت ڀٽي، احمد چٺا، بلال اعجاز ۽ ظفر الله چيمه جا نالا به ان فهرست ۾ شامل آهن

ياد رهي ته 9 مئي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي، ياسمين راشد ۽ اعجاز چوڌري به جوابدار نامزد آهن، جڏهن ته پنج ئي شخصيتون حراست هيٺ آهن

Read Previous

منهنجي ڪاميابي کي ڏسي مون کي نااهل قرار ڏنو ويو پر مان پنهنجو حق نه ڇڏيندس: شيخ رشيد

Read Next

بنگل ديرو ۾ 10 ڏينهن اڳ پرڻيل ناريءَ جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ

Most Popular