عمران خان کي مليل سزا جا ملڪ جي معيشت تي خراب اثر پوندا: اعتزاز احسن

لاهور: (ويب ڊيسڪ) سينئر قانوندان بيرسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي مليل سزا تي سڄي دنيا کلي رهي آهي. اهڙين سزائن سان ملڪ جي معيشت تي به خراب اثر پوندا.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعتزاز احسن چيو ته سزائون ڏيڻ وقت جوابدار کي دفاع جو حق نه ڏنو ويو. ان لاءِ پي ٽي آءِ باني کي مليل سزائون هاءِ ڪورٽ مان معطل ٿي وينديون. هن چيو ته پراسيڪيوشن جي وڪيلن کي جوابدار جو وڪيل مقرر ڪيو ويو. سائفر ڪيس ۾ جوابدار جي گواهن کي نه گهرايو ويو ۽ جوابدار جو 342 جو بيان وٺڻ کان سواءِ سزائون ٻڌايون ويون. سائفر ۾ پي ٽي آءِ باني جي 342 جي بيان تي ان جون صحيحون ئي نه آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي سزا تي سڄي دنيا کلي رهي آهي. جوابدارن کي موقعو ڏيڻ کان سواءِ سزا ڏني وئي آهي. اهڙي سزا جا ملڪي معيشت تي خراب اثر پوندا.

اعتزاز احسن چيو ته مريم نواز به توشه خان مان گاڏيون ورتيون ۽ وڪرو ڪيون ان تي اهڙو ڪوبه ڪيس نه ٺاهيو ويو. اسان 70 سالن کان ساڳيو ڊرامو ڏسي رهيا آهيون ان کي هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. اڄ هڪ پارٽي سان اهو ٿي رهيو آهي سڀاڻي ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي سان ائين ٿيندو.

Read Previous

بيلٽ پيپرز جي کوٽ: اليڪشن ڪميشن ڪجهه تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

توشه خانه ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 14، 14 سال قيد جي سزا

Most Popular