ڪجهه قوتون نه ٿيون چاهين ته پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت ٺاهي: بلاول ڀٽو

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه قوتون نه ٿيون چاهين ته پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت ٺاهي، بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪي سمجهن ٿا ته بزدلاڻا حملا ڪرڻ سان اسان ڊڄي وينداسين اهي ڀليل آهن، اسان جا ڪنڌ ڪٽجي ته سگهن ٿا پر ڪنهن دهشتگرد آڏو جهڪي نه ٿا سگهن

 بلاول ڀٽو زرداري خضدار ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي بلوچستان ۾ تيرن جي برسات ٿيندي، بلوچستان جي عوام سان ٽن نسلن جو رشتو آهي، منهنجي رڳن ۾ به بلوچ خون آهي

هن چيو ته توهان جو نمائندو بڻجي لاهور جي تخت تان اليڪشن وڙهي رهيو آهيان، دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن، دهشتگردن ۽ سازشي قوتن جو مقابلو ڪنداسين، لاهور جو هڪ سياستدان چوي ٿو ته مون لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو هو

هن چيو ته لاهور سياستدان جي ڳالهين تي کل ايندي آهي، ملڪ ۾ اڄ به 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿئي، اسان مختلف منصوبا شروع ڪري سموري ملڪ لاءِ پنهنجي بجلي پيدا ڪنداسين

Read Previous

توشه خانه ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 14، 14 سال قيد جي سزا

Read Next

بلوچستان جي ٽن شهرن ۾ دستي بم حملا، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 5 زخمي

Most Popular