چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف جي يو آءِ جا سنڌ پنجاب دنگ، موٽر وي ۽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻا

چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف جي يو آءِ پاران سنڌ پنجاب دنگ، موٽر وي ۽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻا جاري آهن

سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي

جي يو آءِ ف پاران ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هڻڻ سبب سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي

جي يو آءِ اڳواڻ ناصر محمود جي قيادت ۾ روهڙي ويجهو ايم فائيو موٽر وي جي انٽرچينج تي وٽ به ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

ڪنڌڪوٽ ويجهو گولا موڙ انڊس هاءِ وي تي به جي يو آءِ ڪارڪنن جو ڌرڻو جاير آهي، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ٽنهي صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي

Read Previous

حر فورس جي جوانن اسٽيج تي اڳواڻن جي سيڪيورٽي جا انتظام پاڻ سنڀالي ورتا

Read Next

جي ڊي اي جي ڌرڻي سبب ايم نائين موٽر وي بلاڪ، ٽريڪ جي صورتحال

Most Popular