حيدرآباد: ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

حيدرآباد: (ڇنڇر: 24  فيبروري 2024ع) حيدرآباد ۾ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. صدر جي عهدي تي عشرت لوهر، عبدالستار سرڪي، اياز تنيو ۽ غلام الله چانگ وچ ۾ مقابلو ٿي رھيو آھي، 23 سئو کان وڌيڪ وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا، 4 پولنگ بوٿ قائم ڪيو ويا آھن حيدرآباد، دادو، نوابشاھ، مٽياري ۽ ٻين ضلعن جا وڪيل ووٽ ڏيڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پھتل آھن.

نائب صدر جي عهدي تي حميدالله ڏاهري، پيرل مجيداڻو ۽ ايڊووڪيٽ ريحانه نذير گجر ميدان ۾ لٿل آھن  جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي جهانگير خان، عرفان ٻگهيو پٺاڻ ۽ راجا جواد ساهڙ وچ ۾ دنگل ٿي رهيو آهي. جوائنٽ سيڪٽري جي عهدي تي 4 اميدوار غلام مرتضيٰ شيخ، سني پنهور، سيد شهزاد حيدر شاهه ۽ ذوالفقار علي چانڊيو وچ ۾ مقابلو ٿي رھيو آھي  لائبريري سيڪٽري تي 3 اميدوارن محمد علي ڪولاچي، رضوان حسين ميربحر ۽ ساد سلمان غني اليڪشن ۾ حصو وٺي رھيا آھن

خزانچي جي عهدي تي غلام علي ٽالپر ۽ ممتاز سچل اعواڻ ۾ مقابلو ٿي رھيو آھي  مئنيجنگ ڪميٽي جي 7 سيٽن لاءِ 12 اميدوار عبدالاحد سهتو، مهتاب منير، محمد ياور قريشي، نعيم حسين گدي، نويد علي جيسر، عاصمه يوسف پرهياڙ، صابر علي کوسو، صفدر علي پنهور، شفيع محمد جسڪاڻي، شازيل علي ميمڻ ۽ تيمور حسين ڪيريو ميدان تي لٿل آھن.

Read Previous

سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو

Read Next

ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر قتل

Most Popular