ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر قتل

ڪراچي: (ڇنڇر: 24  فيبروري 2024ع)  ڪراچي ۾ ڦورن جي ديده دليري ۽ پوليس جي بي وسي جي نتيجي ۾ هٿين خالي شهرين جو قتل معمول بڻجندو پيو وڃي. تازي واقعي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته گذريل ڏينهن 2 ورهين جي معصوم ٻارڙي به ڦورن جي گولي جو نشانو بڻجي فوت ٿي وئي هئي.

هلندڙ سال ڪراچي ۾ هنيئر تائين بي رحم ڦورن جي فائرنگ سبب فوت ٿيل شهرين جو انگ 26 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 2 ورهين جي معصوم ٻارڙي به شامل آهي. پوليس موجب جمعي جي شام پير آباد ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون بنارس فلائي اوور تي ڦر دوران مزاحمت تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 سڳن ڀائرن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو جنهن مان هڪ ڀاءُ 28 ورهين جو عبدالمعيز علاج دوران فوت ٿي ويو هو جڏهن ته ٻئي زخمي ڀاءُ جي حالت به انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي.   ڇنڇر جي صبح 18 ورهين جو عبدالحنان به زخمن جي سٽ نه سهندي  علاج دوران  عباسي شهيد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

Read Previous

حيدرآباد: ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

Read Next

پارليامينٽ مان اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن کان رهائشگاهون خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع

Most Popular