لاهور: (سومر: 26 فيبروري 2024ع) گورنر هائوس پنجاب ۾ نئين چونڊيل پهرين عورت وزير اعليٰ مريم نواز جي حلف برداري تقريب منتقد ڪئي وئي.
حلف برداري تقريب دوران اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ نامزد وزيراعظم شهباز سريف به موجود هو.
مريم نواز پنجاب جي پهرين عورت وزيراعليٰ طور حلف کڻي ورتو.
پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي عهدي جو حلف کڻايو.