اسلام آباد: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صدر عارف علوي لاءِ ڪيترائي قانوني مسئلا ٿيڻ وارا آهن، عارف علوي تي آئين ٽوڙڻ جا 2 ڪيس داخل ٿيندا، پي ٽي آءِ وارا پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته آصف زرداري ته اهو پيغام ڏنو آهي ته هو مفاهمت جو جيڪو عمل شروع ڪندو ان ۾ پي ٽي آءِ به شامل هوندي، غلطيون اسان کان به ٿينديون پر سڀ کان وڌيڪ غلطيون اڊيالا جيل ۾ ويٺل شخص ڪيون آهن
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا اڄ به نه آئين کي مڃين ٿا ۽ نه جمهوريت کي مڃين ٿا، صدر عارف علوي پنهنجا فرض سرانجام نه پيو ڏئي، هو آئين ٽوڙي رهيو آهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي خيال ۾ هن جي خلاف آئين ٽوڙڻ جا 2 ڪيس ٿيندا، ذوالفقار علي ڀٽو جو جڊيشل ٽرائل نه پر عدالتي قتل ٿيو هو، اميد آهي ته ڀٽو کي انصاف ملندو