ڊي سي اسلام آباد کي توهين عدالت ڪيس ۾ 6 مهينا قيد جي سزا، فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ٻڌائي ڇڏيو آهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار قرار ڏيندي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائيندي هڪ لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪري ڇڏيو
ايس ايس پي آپريشنز کي 4 مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ ۽ ڪوهسار ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي 2 مهينا ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي
ٿري ايم پي او آرڊر توهين عدالت ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي غيرقانوني گرفتاري ڪيس ۾ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي آپريشنز خلاف محفوظ ڪيل فيصلو جسٽس بابر ستار ٻڌايو
عدالت طرفان فيصلو 21 آڪٽوبر تي محفوظ ڪيو ويو هو، ڊي سي، ايس ايس پي آپريشنز ۽ ايس پي صدر عدالت ۾ پيش ٿيا، فيصلي موجب ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ، ايس ايس پي آپريشنز ملڪ جميل ظفر ۽ ڪوهسار ٿاڻي جو ايس ايڇ او توهين عدالت جا ذميوار قرار ڏنا ويا
ايس پي صدر توهين عدالت ڪيس مان بري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان عدالتي حڪم جي ڪاپي وزيراعظم کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي