سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کان حمايت طلب ڪري ورتي
محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهچي ساڻس ملاقات ڪئي
ذريعن موجب محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان کي چيو ته اسان جو پراڻو تعلق آهي ۽ هڪ تحريڪ ۾ گڏ رهيا آهيون، اميد آهي ته توهان اسان جي حمايت ڪندا
مولانا فضل الرحمان چيو ته پارٽي جي مجلس شوريٰ ۾ مشاورت بعد توهان کي آگاهه ڪنداسين
مولانا فضل الرحمان سان گذريل ڏينهن نواز شريف به ملاقات ڪئي