سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهرين جون تصويرون سوشل ميڊيا ۾ شايع ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ملتوي، سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ ناري سميت 10 گم  ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران  ڪيترين ئي گم ٿيل ماڻهن جا  وارث ۽ وڪيل عدالت پيش نه ٿيا

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي؟:

جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ حراستي ادارن ۽ ٻين ادارن کي خط لکيا آهن ۽ جي  آءِ ٽيز جا سيشنز به ڪيا آهن

عدالت گم ٿيل شهرين جون  تصويرون سوشل ميڊيا ۾ شايع  ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت وزارت دفاع، وفاقي، صوبائي گهرو  سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين واسطيدار  ادارن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

Read Previous

ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون ۾ نئين پرڻيل ڪنوار پسٽل جي گولي ڳهي وئي

Read Next

احمد پور ڀرسان هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، نوجوان قتل

Most Popular