مسلسل واڌ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي

ڪراچي: (اڱارو: 12 مارچ 2024ع) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، 100 رپيا گهٽتائي کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 30 هزار 100 رپيا آهي.

اهڙي ريت ڏهه گرام سون 86 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 97 هزار 274 جو ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون هڪ ڊالر گهٽتائي کانپوءِ ٻه هزار 177 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

Read Previous

15 ڏينهن کان پوءِ خبر پوندي ته نااهل حڪومت پاڪستان سان ڇا ڪرڻ واري آهي: فيصل واوڊا

Read Next

قرض قسط بابت ڳالهيون، آءِ ايم ايف وفد اڄ رات پاڪستان پهچندو

Most Popular