قرض قسط بابت ڳالهيون، آءِ ايم ايف وفد اڄ رات پاڪستان پهچندو

اسلام آباد: (اڱارو: 12 مارچ 2024ع) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جو وفد اڄ رات پاڪستان پهچندو، وفد اسٽينڊ باءِ پروگرام تحت ايندڙ قسط جاري ڪرڻ لاءِ مذاڪرات ڪندو.

ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو سلسلو 14 کان 18 مارچ تائين جاري رهندو، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جي قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد جي دوري دوران نئين قرض پروگرام بابت ڳالهه ٻول به متوقع آهي.

Read Previous

مسلسل واڌ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي

Read Next

ملتان ۾ عمارت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا دٻجي فوت ۽ 2 زخمي

Most Popular