پوليس جو مبينا مقابلو، چار ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سکر: (جمعو: 22 مارچ 2024ع) سکر پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو، 4 ڏوهاري  زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ، پوليس مقابلن دوران زخمي ٿيل گرفتارڏوهاري، ڦر، ڌاڙا، چوري، پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا.

ان سلسلي ۾ سکر پوليس جي ترجمان محمد بخش بلوچ پاران جاري ڪيل بيان موجب سکر پوليس جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ 4 مختلف مقابلا ٿيا، جنهن ۾ پوليس چئن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا آھن، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو ويو آھي.

پھريون مقابلو پنو عاقل ٿاڻي جي حد بٽير لنڪ روڊ ڀرسان ٿيو، جنهن ۾ پوليس ذوالفقار علي نالي هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته جوابدار جا 3 ساٿي فرار ٿي ويا.

ٻيو مقابلو پوليس اسٽيشن بي سيڪشن ۾ ريلوي گرائونڊ ويجهو ٿيو، مقابلي دوران پوليس غلام سرور نالي هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته جوابدار جا 3 ساٿي فرار ٿي ويا.

جڏهن ته ٽيون مقابلو ائرپورٽ ٿاڻي جي ۽ پچابند لڳ ٿيون جنهنجي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري رجب عرف الله رکيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا آھن.

جڏهن ته چوٿون مقابلو بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ناڪه بندي دوران واٽر سپلاء وٽ چورن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته چور فرار ٿي رهيا هئا ته ان دوران پوليس مقابلي بعد هڪ جوابدار امير خان کي زخمي حالت ۾  گرفتار ڪري ورتو سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا آھن جڏهن ته ٻه ساٿي فرار ٿي ويا.

پوليس مقابلن جي حوالي سان ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ جو چوڻ آهي ته پوليس مقابلن دوران گرفتار ٿيل زخمي جوابدار ڦر، گهرن ۾ ڦر سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا. انهن خلاف مختلف ٿاڻن ۾ چوري، ڌاڙن، پوليس مقابلن جا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن، پوليس ٿاڻن ۽ مختلف ضلعن مان ڪرمنل رڪارڊ جي ڄاڻ حاصل ڪري رهي آهي، جڏهن ته پوليس پاران فرار ٿيلن جي ڳولا جاري آهي ۽ سخت ناڪابندي ڪئي وئي.

Read Previous

آءِ ايم ايف جي شرطن موجب معيشت کي دستاويز شڪل ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين شهريار خان لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular