سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاهرا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم  پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا

هندو برادري، شهرين ۽ شاگردن پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن،  پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو

دادو، ڪنري، بخشاپور، پٿورو، نئون  ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون  ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، پوليس پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سنجيده ناهي

اڳواڻن چيو ته روز معصوم ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، ڪچي ۾ آپريشن نالي ماتر ٿي رهيو آهي، پريا ڪماري سوڌو سڀني مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي

Read Previous

حڪومت آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي اهم شرط پوري ڪري ڇڏي

Read Next

وزيراعظم شهباز شريف گيس جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪاوڙجي پيو،آڊٽ رپورٽ طلب

Most Popular