راڄوخاناڻي:( رپورٽر ) راڄوخاناڻي ٿاڻي تي ڊيوٽي اي ايس آئي پاڻ کي گولي هڻي مبينه طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
راڄوخاناڻي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ڇلگري ڊيوٽي تي اچي وڏي منشي جي آفيس ۾ پاڻ مٿان سرڪاري هٿيار سان فائر ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ کيس نازڪ حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو.
مبينه طور آپگهات ڪندڙ اي ايس آءِ راڄوخاناڻي لڳ ڳوٺ گلڻ فقير ڇلگري جو رهواسي هو سندس مڙھ کي پوسٽ مارٽم لاء راڄوخاناڻي اسپتال آندو ويو جتي سندس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. سندس آپگهات بابت سندس وارث ۽ پوليس پاران اڃان تائين ڪو واضع موقف سامهو نه آيو آهي