خيرپور ويجهو ماستر پاران شاگردياڻي سان مبينا ڏاڍائي جو انڪشاف، پرنسپل سميت گرفتار

خيرپور (رپورٽر) خيرپور لڳ ڳاڙهي موري ۾ هڪ خانگي اسڪول جي ماستر پاران معصوم نياڻي ميمونا ملڪ سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ معصوم شاگردياڻي م م موجب هو ٻئين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي ماستر شڪيل احمد انصاري کيس گذريل 3 ڏينهن کان رسيس وقت کيس مٿئين ڪلاس روم وٺي گنديون حرڪتون ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ڪنهن سان به ڳالھه نه ڪجان نه ته گُهٽو ڏئي ماري ڇڏيندو سانءِ. شاگردياڻي ميمونا جي والد الف ميم جو چوڻ آهي ته ننڍڙي ڊپ سبب گھر ڳالھه نه پئي ڪري، ماستر شڪيل انصاري کيس 50 رپيا خرچي ڏني جيڪا گهر کڻي آئي ته هن جي ماءُ کانئس پڇا ڪئي ته ميمونا کيس سڀ ڪجهه ٻڌايو، ٻئي طرف پريالوءِ پوليس الزام هيٺ آيل ماستر شڪيل انصاري ۽ اسڪول جي پرنسپل عطاءُ الله ڪنڌر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Read Previous

پاڪستان جي توانائي شعبي ۾ مدد ترجيحن ۾ شامل آهي: آمريڪا

Read Next

ايڪسائيز کاتو انتظامي معاملن کي شفاف بڻائي: شرجيل

Most Popular