ميرپور ماٿيلو ويجهو ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان 4 عورتون مبينا طور اغوا

ميرپور ماٿيلو ويجهو ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان 4 عورتون مبينا طور اغوا  ٿي ويون

ذريعن موجب ڳوٺ عرض محمد مهر واسڻ ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي، پلاند طور شيخ برادري جي به ٽن عورتن کي اغوا ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ شيخ برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان جمشيد شيخ تي صغريٰ مهر کي اغوا ڪرڻ جا الزام هنيا ويا

واقعي بعد مهر برادري جي جوابدارن گهر تي چڙهائي ڪري نوجوان جمشيد شيخ جي امڙ نظيران ۽ ٻن ڀينرن ڪلثوم ۽ جميلان کي اغوا ڪري ورتو

چار عورتن جي اغوا ۽ ڇوڪري صغريٰ جي اغوا واقعن بعد ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، پوليس اٽالا پهچي ويا

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل عورتن کي واپس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ معاملي کي ڏسي رهيا آهيون

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط مليو

Read Next

بدين واسڻ ناري حيدرآباد ۾ مبينا بدترين تشدد بعد قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن، موت کان اڳ رڪارڊ ڪيل وڊيوز وائرل

Most Popular