فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي: پاڪستان

اسلام آباد: (جمعو: 19 اپريل 2024ع) پاڪستان چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين جي رڪنيت جي ٺهراءَ کي آمريڪا طرفان ويٽرو ڪرڻ تي افسوس آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو فلسطين کي گڏيل قومن جي رڪنيت ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، 75 سالن کان ظلم سهندڙ فلسطين کي رڪنيت ڏيڻ سان کين حق ڏيڻ جي تصديق ٿيندي ۽ تاريخي انصاف هوندو.

هن چيو ته فلسطيني عوام جو حق آهي ته اهي 4 جون 1967ع جي جاگرافيائي حدن موجب خود مختيار ۽ آزاد ملڪ ۾ رهن، جنهن جو تخت گاهه القدس شريف هجي.

Read Previous

خيبرپختونخواهه ۾ برسات سبب حادثن ۾ 36 ڄڻا فوت ٿي ويا

Read Next

دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، قانون واري وزير جو قومي اسيمبليءَ ۾ پاليسي بيان

Most Popular