ڌاڙيل ٽولن خلاف جلد حتمي آپريشن ڪيو ويندو: ڊي آءِ جي سکر

ميرپورماٿيلو: ڊي آءِ جي سکر عبد الحميد کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيل جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ کان پوءِ 100 کان وڌيڪ ڌاڙيلن پلاند ۾ چوڪي تي حملو ڪيو، ڌاڙيلن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿيو آهي ۽ ٻه گم آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، پوليس ڪچي ۾ موجود آهي، پوليس کي جديد هٿيار ملي ويا آهن، جلد ڏوھارين خلاف گهوٽڪي ۾ حتمي آپريشن ٿيندو، پوليس جو ڏوھارين خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سکر ريجن ۾ 26 ڌاڙيل ماريا آھن، ڌاڙيلن خلاف جنگ ھلندڙ آھي، پوليس کي قرباني ڏيڻي پوندي، پوليس پوئتي نه ھٽندي، ڌاڙيلن سان مقابلو جاري رھندو، امن ڪرائي ڏيکارينداسين، هن چيو ته گھوٽڪي ۾ڪو مغوي ناھي، قومي شاھراهه ۽ سي پيڪ تي امن آھي.

Read Previous

هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدارجسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

Read Next

سرڪاري ادارا رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، هڪ هڪ جڳهه تي ٽيڻ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن: چيف جسٽس

Most Popular