آڊيو ليڪ ڪيس: جسٽس بابر ستار کي ڪيس کان الڳ ڪرڻ جون ٽن ادارن جي درخواستن تي ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس بابر ستار کي بينچ کان ڌار ڪرڻ واريون ٽن ادارن جون درخواستون ڏنڊ لڳائي خارج ڪري ڇڏيون

 ايف آءِ اي، پيمرا ۽ پي ٽي اي جي درخواستن تي 5-5 لک روپيا ڏنڊ لاڳو، جسٽس بابر ستار بشريٰ بي بي ۽ نجم ثاقب جي مبينا آڊيو ليڪ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

 جسٽس بابر ستار رمارڪس ۾ چيو ته ايف آءِ اي جو آءِ ايس آءِ سان ڪهڙو تعلق آهي، ڇا اها آءِ ايس آءِ جي پراڪسي آهي؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل منور دوگل چيو ته ايف آءِ اي ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، جسٽس بابر ستار سوال ڪيو ته هاءِ ڪورٽ ججز جي خط جي ڪنهن هڪ معاملي سان به ايف آءِ اي جو ڪهڙو تعلق آهي؟ ايف آءِ اي ڪيس نه ٻڌڻ جي متفرق درخواست ڪيئن داخل ڪرائي سگهي ٿي؟

 جسٽس بابر ستار پيمرا جي وڪيل کان به سوال ڪيو ته توهان درخواست داخل ڪرائي آهي ته مان هي ڪيس نه ٻڌان، ان اعتراض جو بنياد ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ عدالت پيمرا جي درخواست به 5 لک روپيا ڏنڊ هڻي خارج ڪري ڇڏي

پي ٽي اي جي بينچ تي اعتراض واري درخواست به 5 لک روپين جي ڏنڊ سان خارج، عدالت ٽنهي ادارن جي انتظاميا خلاف توهين عدلت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اشارو  به ڏنو

 عدالت ۾ موجود سينيئر وڪيل اعتزاز احسن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڄوڪي حڪمنامي منهنجو قد 20 فوٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، ٻين وڪيلن به روسٽرم تي اچي فيصلي جي واکاڻ ڪئي

Read Previous

اسٽاڪ ايڪسچينج 73 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري تاريخي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

Read Next

ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا

Most Popular