سوال اهو آهي ته نيٺ اسان ڪيستائين هُنن جي درن تي ويهي خيرات گهرنداسين: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان

سوال اهو آهي ته نيٺ اسان ڪيستائين هُنن جي درن تي ويهي خيرات گهرنداسين، سياستدان اِنڪري ڪمزور ٿيا جو هر معاملي تي ڪمپرومائيز ڪيو

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته کين 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن تي اعتراض آهن، چونڊن ۾ هارايل پريشان آهن ۽ کٽيل به مطمئن نه آهن، ڄاڻ ملي آهي ته هن دفعي ته اسيمبليز وڪرو ۽ خريد ڪيون ويون، پاڪستان غير محفوظ رياست آهي، ٻڌايو اِن جو ذميوار ڪير آهي، اسان جمهوريت وِڪڻي پنهنجي هٿن سان آقا ٺاهيا اٿئون، هي اسٽيبلشمينٽ جي جوڙيل پارليامينٽ آهي يا عوام جي نمائندا؟

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب دورنا مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ جي حمايت ڪريون ٿا، اسد قيصر جو مطالبو درست آهي، گهڻا ماڻهو جمهوريت جي ڳالهه ڪندا آهن، سڀ گڏجي سوچيون ته جمهوريت ڪٿي آهي؟

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون اڃا شروع نه ٿيون آهن، پر اسان ڳالهين کان انڪار به نه ڪيو آهي

Read Previous

اي ايس پي شهربانو شادي ڪري ڇڏي، تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل

Read Next

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر پاران 9 مئي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو

Most Popular