نقيب الله قتل ڪيس ۾ اکين ڏٺو مک شاهد پنهنجي بيان تان هٿ کڻي ويو

نقيب الله قتل ڪيس ۾ اکين ڏٺو مک شاهد پنهنجي بيان تان هٿ کڻي ويو، اکين ڏٺي شاهد هيڊ ڪانسٽيبل راجا جهانگير پنهنجي گواهي ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت ۽ شعيب شوٽر سميت 7 جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 پنهنجي نئين بيان ۾ هيڊ ڪانسٽيبل چيو ته پهريون بيان مون کان زبردستي ورتو ويو هو، اعليٰ اختيارين جي دٻاءَ سبب لکت واري بيان تي صحيحون ڪيون هيون، شاهد جي ڦري وڃڻ سبب پراسيڪيوشن پاران گواهه جو نالو واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي وئي

جوابدار ڌر جي وڪيل گواهه جو نالو واپس وٺي نه ٿو سگهجي، گواهه جي بيان تي دليلن جي اجازت ڏيڻ جي استدعا، عدالت جوابدار ڌر جي وڪيل جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

 ڪيس جي ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي، نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 18 جوابدار بري ٿي چڪا آهن، ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت سميت 7 آفيسر ۽ اهلڪار مفرور هئا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي بعد روپوش جوابدارن سرينڊر ڪيو، ڪيس ۾ هڪ جوابدار شعيب

شوٽر ضمانت تي آزاد آهي، نوجوان نقيب الله کي جنوري 2018 ۾ پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو هو

Read Previous

وڏي وزيرگم ٿيل 29 شهرين جي خاندانن لاءِ مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي: گهرو کاتو

Read Next

ڪنڌڪوٽ ويجهو 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر جي بازيابي لاءِ ڌرڻو

Most Popular