ويسر برادري جي نوجوان پاران راڻي پور جي هڪ حويلي ۾ زال جي قيد هئڻ جا الزام

ويسر برادري جي نوجوان پاران راڻي پور جي هڪ حويلي ۾ زال جي قيد هئڻ جا الزام هنيو ويو آهي، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي

نوجوان شاهد ويسر سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته صنم سومرو سان ٺري ميرواهه جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، منهنجي خلاف اغوا جا ڪوڙا الزام هنيا ويا

 راڻيپور جي هڪ پير جي حويلي تي اسان کي ڳالهين لاءِ گهرائي منهنجي زال کي قيد ڪيو ويو، حويلي ۾ قيد منهنجي زال کي آزاد ڪرايو وڃي

 حويلي ۾ قيد ڄاڻايل صنم سومرو جو وڊيو بيان به سامهون اچي ويو، صنم سومرو جو چوڻ آهي ته مون کي ڪجهه ڏينهن اڳ شاهد علي ويسر اغوا ڪيو هو، هاڻي پنهنجي والدين وٽ آهيان، مون کي ڪنهن به ڪٿي قيد نه ڪيو آهي

Read Previous

ڪراچي: ڪروڙين جي ماليت جي سون جي اسمگلنگ ناڪام

Read Next

پي سي بي قومي سليڪشن ڪميٽي پاران انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي دوري لاءِ 18 رڪني قومي ٽيم جو اعلان

Most Popular