گوادر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري  پنجاب واسي 7 پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو

گوادر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري  پنجاب واسي 7 پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو، بلوچستان حڪومت طرفان واقعي جي رپورٽ طلب  ڪئي وئي

پوليس موجب  سربندر  واري  علائقي ۾ هٿياربندن گوادر فش هاربر ڀرسان هڪ رهائشي ڪوارٽر ۾ ننڊ پيل مزدورن مٿان فائرنگ ڪري ڏني

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 7 پورهيت ٿڏي تي مارجي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پورهيتن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

 ايس ايڇ او گوادر محسن علي موجب مارجي ويل ۽ زخمي پورهيت سربندر ۾ حجامڪي دڪان تي ڪم ڪندا هئا، مارجي ويل پورهيتن جو پنجاب جي ضلعي  خانيوال سان تعلق هو

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي، محسن نقوي چيو آهي ته معصوم شهرين جي زندگين سان کيڏڻ وارا انسان سڏائڻ جا حقدار ناهن

 بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي طرفان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته گوادر ۾ بي گناهه پورهيتن جو قتل کليل دهشتگردي آهي

هن چيو ته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جو خاتمو اڻٽر ٿي ويو، رياستي رٽ هر صورت ۾ برقرار رکي ويندي، شهيدن جي رت جي ڦُڙي ڦُڙي جو پلاند ورتو ويندو

Read Previous

سنڌ سميت ملڪ ۾ 9 مئي واقعن کي سال مڪمل ٿيڻ تي ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ريليون

Read Next

ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن طرفان مغوي معصوم ٻار جي زنجيرن سان ٻڌل وڊيو وائرل

Most Popular