خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جو مقصد ڪنهن اداري جي جڳهه وٺڻ يا قبضو ڪرڻ ناهي: پاڪ فوج

اسلام آباد: (جمعو: 10 مئي 2024ع) پاڪ فوج جي ترجمان ۽ ڊي جِي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جو مقصد ڪنهن اداري جي جڳهه وٺڻ يا قبضو ڪرڻ ناهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر بيان ۾ چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ معيشت جَي ٻين شعبن ۾ فوج جو ڪردار حڪومت جي مرضي مطابق صرف ۽ صرف سهولتڪاري جو آهي.

هن ٻڌايو ته پاڪ فوج جي اعليٰ انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت چاهي ٿي ته اُن سان پاڪستان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ سهولتڪاري ۽ رابطي لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوجن جي صلاحيتن جي معيشت جي بهتري لاءِ سڄي دنيا ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي پر پاڪستان ۾ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اُن جي هاڪاري قدمن کي به تنقيد جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.

سندس چوڻ هو ته ايس آءِ ايف سي هڪ شفاف ادارو آهي، جنهن ۾ اعليٰ پيشوراڻي صلاحيتن جي حامل سول ۽ فوجي آفيسر گڏيل سهڪار سان ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

Read Previous

سردار سليم حيدر خان گورنر پنجاب جي عهدي جو قسم کڻي ورتو

Read Next

موسميات کاتي طرفان مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي

Most Popular