اذلان شاهه هاڪي جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست، جاپان پهريون ڀيرو ٽائٽل کٽڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 30هين اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاپان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي، ملائيشيا جي شهر ايپوه ۾ کيڏيل فائنل ميچ جي چوٿين ڪواٽر ۾ مقابلو 2-2 گول تان برابر رهيو، پينالٽي شوٽ تي فائنل جو فيصلو ٿيو

جاپان پينالٽي شوٽ آئوٽ مقابلو 1-4 تان کٽي پهريون ڀيرو اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل حاصل ڪيو، جاپان جي ٽيم پهريون ڀيرو اذلان شاهه ڪپ جو فائنل کيڏي رهي هئي، جاپان پهرين ڪوارٽر ۾ پاڪستان جي خلاف هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪئي، ٻئي ڪوارٽر ۾ ٻنهي ٽيم ڪو به گول نه ڪيو

ٽئين ڪوارٽر ۾ پاڪستان 1-2 جي سرسي حاصل ڪئي، پاڪستان جي اعجاز احمد 34 هين ۽ عبدالرحمان 37هين منٽ ۾ گول ڪيو، جاپان چوٿين ڪوارٽر ۾ ميچ 2-2 تان برابر ڪري ڇڏي، جاپان جي طرفان ٻيو گول ڪازوماسما 47 هين منٽ ۾ اسڪور ڪيو، چوٿين ڪوارٽر ۾ پاڪستان کي برتري حاصل ڪرڻ جا موقعا مليا پر قومي ٽيم ان جو فائدو نه وٺي سگهي، واضح رهي ته پينالٽي شوٽ آئوٽ ۾ 8 سڪينڊن اندر گولر ڪرڻو هوندو آهي

پاڪستان 5 مان 2 پينالٽي شوٽ ضيايع ڪيا، فائنل جو مين آف دي ميچ جو ايوارڊ پاڪستان جي راڻا وحيد اشرف جي نالي رهيو، پاڪستان هاڪي ٽيم ايوينٽ جي سور مڊلسٽ قرار ڏني وئي، پاڪستان گذريل ايوينٽ ۾ پِتل جو ٻلو حاصل ڪيو هو، پاڪستان 2011ع ۾ آخري ڀيرو اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائنل کيڏيو هو، پاڪستان 2003 ۾ آخري ڀيري ٽورنامينٽ کٽيو هو، فائنل کان اڳ پاڪستاني ٽيم ايوينٽ ۾ ناقابل شڪست رهي هئي، پاڪستان 3 ميچ کٽيون ۽ 2 مئچز ڊرا ٿيون

Read Previous

پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحاد کي وڏو جھٽڪو

Read Next

مٽياري: مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي

Most Popular