آزاد ڪشمير ۾ مهانگائي خلاف چوٿين ڏينهن به هڙتال، کاڌي پيتي وارين شين جي کوٽ

مظفر آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اپيل تي مهانگائي خلاف جاري هڙتال سبب کاڌي پيتي وارين شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

هڙتال سبب ڀاڄي، فروٽ، ۽ ٻيون غذائي شيون آڻيندڙ گاڏيون مارڪيٽ تائين نه پهچڻ سبب کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور به بند پيل آهن جنهن جي ڪري شهري دوائن جي لاءِ به ڪافي پريشان آهن.

آزاد ڪشمير ۾ موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ سروس اڃان تائين بند آهي، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ وڌيڪ 2 ڏينهن بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آزاد ڪشمير حڪومت اڄ به سمورن تعليمي ادارن کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ضلعي آفيسون به بند رکيون وينديون.

ٻئي طرف 11 مئي تي مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين دوران شهيد ٿيندڙ سب انسپيڪٽر جي تدفين ڪئي وئي آهي، پر تشدد مظاهرن ۾ پوليس اهلڪارن سميت 70 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

Read Previous

مٽياري: مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي

Read Next

16 مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

Most Popular