16 مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 16 مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 12 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9.70 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اوگرا پندرنهن مئي تي سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻيندي. اهو هلندڙ مهيني ۾ لڳاتار ٻيون رليف هوندو. نيون قيمتون وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ 16 مئي خميس کان لاڳو ڪيون وينديون.

ياد رهي ته عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي لاٿ ٿي آهي جنهن کي عوام تائين منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي.

Read Previous

آزاد ڪشمير ۾ مهانگائي خلاف چوٿين ڏينهن به هڙتال، کاڌي پيتي وارين شين جي کوٽ

Read Next

ملڪ ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular