اذلان شاهه ٽورنامينٽ ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ قومي هاڪي ٽيم جو ملڪ واپسي تي پرجوش استقبال

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اذلان شاهه ٽورنامينٽ ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ قومي هاڪي ٽيم ملائيشيا کان ملڪ واپس پهچي وئي.

ملڪ واپسي تي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود، اڳوڻي ڪپتان چوڌري اختر رسول، محمد ثقلين ۽ انجم سعيد سميت ٻين اڳوڻن رانديگرن ۽ هاڪي جي شوقينن لاهور ايئرپورٽ تي قومي هاڪي ٽيم جو استقبال ڪيو.

گذريل ڏينهن پاڪستان 13 سالن کان پوءِ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ سلور ميڊل حاصل ڪيو هو، جاپان اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي.

فائنل کان اڳ پاڪستاني ٽيم ايونٽ ۾ ناقابل شڪست رهي هئي، پاڪستان 3 ميچ کٽيا ۽ 2 ميچ ڊرا ٿيا.

پاڪستان گذريل ايونٽ ۾ برائز ميڊل حاصل ڪيو هو. پاڪستان 2011 ۾ آخري ڀيرو اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائنل کيڏيو هو ۽ پاڪستان ٽورنامينٽ آخري ڀيرو 2003 ۾ کٽيو هو.

Read Previous

ملڪ ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

سنڌ جي ماڻهن عام چونڊن ۾ پ پ کي ڪاميابي ڏياري، عوام جون اميدون پ پ سان جڙيل آهن: مراد علي شاهه

Most Popular