حيدرآباد: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي عوام عام چونڊن ۾ پ پ کي ڪاميابي ڏياري.
حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان ٻوڏ متاثرين ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان 21 لک گهر ٺاهڻ جو ارادو ڪيو آهي، انهن 21 لک گهرن جي فنڊنگ جو بندوبست ٿي ويو آهي، هن وقت تقريبن 6 لک گهر تعمير هيٺ آهن، هڪ لک گهر تيار ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته اسان سموري سنڌ جو دورو ڪيو، اڪثر جڳهن تي ماڻهن پڇيو ته جيڪڏهن اهڙي ٻوڏ ٻيهر آئي ته اسان ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ انهن کي مان ٻڌائيندو هلان ته 2022 واري ٻوڏ 2010 ۽ 2012 جي ٻوڏ کان وڏي هئي. رب پاڪ اسان تي رحم ڪري پر اسان تياري ڪئي آهي. 2010 جي ٻوڏ ۾ اسان جي دريائن ٻن جڳهين تان پاڻي ڇڏيو هو، پر سنڌ حڪومت ڪم ڪيو ۽ ان کان پوءِ ٻه ڀيرا سپر فلڊ آئي پر بند محفوظ رهيا، اسان جي ڪوشش آهي ته اهڙين آفتن کان ماڻهن کي محفوظ رکي سگهون.
مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو اسان کي ذميواري ڏني آهي ته سنڌ جي اندر صاف پيئڻ جو پاڻي هر ماڻهو، هر پاڙي ۽ ڳوٺ تائين پهچڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته اسان تعليم جي شعبي تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، انشاءَالله هاڻ ڪوبه اسڪول انهي جي ڪري بند نه ٿيندو ته استاد نه آهن. اسان وٽ انساني وسيلا موجود آهن. 7 هزار استادن کي اسان 2023 ۾ مقرر ڪيو هو انهن جي ٽريننگ به مڪمل ٿي وئي آهي.
هن ٻڌايو ته اسان جا وزير هاري ڪارڊ تي ڪم ڪري رهيا آهن، بينظير ليبر ڪارڊ کي به اسان اڳيان وڌائينداسين، جيڪو بلاول جو پلان آهي. اسان انهي کي اڳيان کڻي هلنداسين، اسان شهرن ۾ به رڪارڊ ڪم ڪرائينداسين.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم ۾ چيو هو ته 300 بجلي جا يونٽس فري ڏينداسين، اسان جو انهي تي به ڪم جاري آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي جا ميئرز پيپلز پارٽي سان آهن سنڌ جي ماڻهن جون پيپلز پارٽي سان اميدون جڙيل آهن، زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ جي تعليم واري وزير يقين ڏياريو آهي ته ڪوبه اسڪول هاڻ استادن جي نه هجڻ سبب بند نه ٿيندو، اسان صحت جي شعبي ۾ بهترين ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان پرائيويٽ سيڪٽر جي اسپتالن کي به سپورٽ ڪري رهيا آهيون، اين آءِ سي وي ڊي نيٽ ورڪ سان هزارين حياتيون بچيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير جي حيثيت سان حيدرآباد پريس ڪلب جو هي منهنجو ٻيون دورو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب کي هائوسنگ سوسائٽي لاءِ زمين ڏني آهي، زمين جي ڊوالپمينٽ لاءِ بلديات کاتي جي وزير سعيد غني کي هدايتون ڏيندس، جلد کان جلد ڪم شروع ڪرايو ويندو. صحافين سان ڳالهين دوران وڏي وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن ۾ 300 يونٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اسان مفت يونٽس ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ٿر مان به ڪوئلو آڻڻ لاءِ ريلوي لائن وڇائڻ جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. ريلوي لائن وڇائڻ لاءِ سنڌ حڪومت به مالي مدد ڪندي.
ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ڄام خان شورو ۽ ٻيا گڏ هئا.