توهان پي ٽي آءِ وارن تي مڪمل پابندي لڳائڻ چاهيو ٿا ته درخواست کڻي اچو:سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته توهان پي ٽي آءِ وارن تي مڪمل پابندي لڳائڻ چاهيو ٿا ته درخواست کڻي اچو، قانون اجازت ڏيندو ته فوري پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏينداسين، ادارا ۽ سموريون ايجنسيون ويهي رهيون ته جلسو ڪيئن روڪيو وڃي، ٻيو جلسو ٿيو ته سڀ ستا پيا هئا

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي چيو آهي ته جڏهن کان ملڪ ٺهيو آهي ته اهو ئي ٻڌندا اچون ٿا ته ملڪ خطري ۾ آهي، مهذب ٿيڻ چاهيو ٿا ته سڀني لاءِ هڪ ئي قانون ٺاهيو، ٻيا به ته جلسو ڪري ويا نه

 چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي پاران درخواست تي ٻڌڻي دوران گهرو کاتي ۽ ڊي سي پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، ڊي سي پاران ڳجهي رپورٽ به عدالت ۾ پيش

 چيف جسٽس ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته جڏهن چاهيو ڦٽاڪا ڦاڙيو يا جيڪو چاهيو ڪريو، انهن ئي حالتن ۾ ٻيا جلسو ڪري ويا، ان حد تائين وڃو جو توهان به برداشت ڪري سگهو، قومي مفاد اهو آهي ته آئين جو تحفظ ٿئي

هن چيو ته هاڻي ائين نه هلندو جو رپورٽ پڪڙائي ڇڏيو توهان، اهڙا ڪهڙا دهشتگرد آهن جيڪي هنن تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا، چون ٿا ته اجازت ناهي ورتي، توهان جي اجازت کانسواءِ ڇا ڪير ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته اسان کي اتي نه وٺي وڃو جو اسان کي سخت حڪم ڏيڻو پوي، هي جيڪي رپورٽون ڏئي رهيا آهن اهي پنهنجن عهدن تي نه رهندا

Read Previous

وزير اعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو

Read Next

خانواهڻ ويجهو زمين جي مالڪي تان جهيڙو، وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

Most Popular