دادو ۾ 5 اوباش نوجوانن جي 13 ورهين جي نينگري سان جنسي زيادتي، وڊيو رڪارڊ، 3 جوابدار گرفتار

دادو:(رپورٽر) دادو شهر جي شاهي بازار ۾ 13 ورهين جي نينگري فاطمه ڌيءَ خدابخش سولنگي سان 5 اوباش نوجوانن پاران جنسي زيادتي بعد مبينا طور وڊيو رڪارڊ ڪري نينگري کي مسلسل بليڪ ميل ڪرڻ لڳا. اهڙي واقعي کان پوءِ نينگري پنهنجي والد خدابخش سولنگي سان گڏ دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي 4 نوجوانن خلاف دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي. ان موقعي تي نينگري جي والد صحافين کي ٻڌايو ته آء غريب آهيان نياڻي شهر ۾ دوڪانن تان خيرات وٺي گهر جو گاڏو هلائيندي آهي،شهر جي 5 اوباش نوجوانن منهنجي نياڻي کي اغوا ڪري دادو شهر جي شاهي بازار ۾ هڪ بند جڳھ ۾ جنسي زيادتي ڪري سندس جي ويڊيو رڪارڊ ڪئي آهي جنهن بعد منهنجي نياڻي کي خاموش رهڻ لاء مسلسل ڌمڪيون ڏيندا هئا، ڌيءَ جي رڪارڊ ڪيل وڊيو ڏسي ڪري دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي انصاف لاء پهتو آهيان، نياڻي سان زيادتي واري وڊيو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او حوالي ڪئي آهي مون سان انصاف ڪيو وڃي.

جڏهن ته دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگري سان جنسي زيادتي واري وڊيو بعد وڊيو ۾ نظر ايندڙ جوابدارن مان ٽن ڄڻن  کي گرفتار ڪيو آهي نينگري جو دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو پيو وڃي، نينگري سان زيادتي ڪري سندس جي ويڊيو رڪارڊ ڪندڙ نوجوانن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

ڏکڻ وزيرستان ۾ گهر اندر ڌماڪو، زال مڙس ۽ 2 ٻارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

پاڪستان ۾ ايندڙ چئن سالن دوران مهانگائي گهٽ ٿيندي، ترقي، سرڪاري ذخيرا وڌندا: آءِ ايم ايف

Most Popular