پاڪستان پاران ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي سوڳ جو اعلان

پاڪستان پاران ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي سوڳ جو اعلان

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي فوت ٿيڻ تي صدمي جو اظهار، صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي هڪ عظيم دوست کي وڃائڻ تي سوڳوار آهي، گذريل مهيني ايراني صدر جي ميزباني ڪرڻ جو اسان کي اعزاز حاصل ٿيو، صدر ابراهيم رئيسي اسلامي امت جي اتحاد لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون

وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي فوت ٿيڻ تي چيو ته دوست ملڪ جي صدر جي فوت ٿيڻ تي پاڪستان سوڳوار آهي، سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو ويندو، قومي جهنڊا نويل رهندا، ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي موت تي وارثن ۽ ايراني قوم سان تعزيت ۽ ڏک جو به اظهار

Read Previous

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي نائب صدر محمد مخبر کي ملڪ جو وقتي صدر مقرر ڪري ڇڏيو

Read Next

آزاد ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم سردار تنوير الياس اسلام آباد مان گرفتار

Most Popular