اڄ پارليامينٽ ۾ ويٺل حڪومت وٽ مينڊيٽ نه آهي، پاڪستان ۾ نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان جي پارٽيءَ جو ڪنهن به اسٽيبلشمينٽ سان واسطو نه آهي، اسان جي سياسي پارٽي ايندڙ مهيني منظرعام تي ايندي
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جون ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهيون، شاهد خاقان چيو ته سڄي پاڪستان جي اليڪشن چوري ڪئي وئي آهي
ملڪ ۾ وڏي انتظامي تبديلي اچڻ تائين بهتري جي ڪا اميد نه آهي، نيب جو ادارو رڳو سياست ڪرڻ لاءِ رهجي ويو آهي، اڳوڻي چيئرمين جاويد اقبال کي ڪٿي نه ڪٿي حساب ڏيڻو پوندو
- TAGS
- taza_tareen
- extra_news