وفاقي ڪابينا هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ۽ ٻين جي شهيد ٿيڻ تي تعزيتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

وفاقي ڪابينا هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهيد ٿيڻ تي تعزيتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني پهچي ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي فوت ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو

 وقتي صدر چيو ته سڄي قوم ايراني صدر جي اوچتي وڇوڙي تي سوڳوار آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون

 يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مغدم سان ملاقات به ڪئي

 وقتي صدر چيو ته صدر ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي سان اسلامي دنيا هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي، ايراني سفير ڏک جي گهڙي ۾ گڏ بيهڻ تي پاڪستاني سرڪار ۽ عوام جا ٿورا مڃيا

Read Previous

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فدان جي ملاقات

Read Next

سنڌ جي تعليم کاتي پاران صوبي ۾ گرمين جي 2 مهينا موڪل جو اعلان

Most Popular