ڪراچي پوليس ڌاڙيل بڻيل: رينجرز جو سي ٽي ڊي تي ڇاپو: شهري بازياب: ايس ايچ او معطل

ڪراچي(رپورٽر) رينجرز جو سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڇاپو، شهري بازياب، ايس ايچ او سوڌو 4 معطل، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ رينجرز اٽالي سي ٽي ڊي آفيس تي ڇاپو هڻي شهري عليان کي بازياب ڪرائي ورتو. ڊي آءِ جي (سي ٽي ڊي) آصف اعجاز شيخ موجب عراق کان ڪراچي پهتل عليان کي سي ٽي ڊي اهلڪارن گرفتار ڪيو پر اعليٰ آفيسرن کي آگاهي نه ڏني، شهري پڇاڳاڇا دوران بيڏوهي ثابت ٿيو ته اهلڪارن کيس آزاد ڪرڻ لاءِ 15 لک گهريا، بعد ۾ ڏيڍ لکن ۾ طئه  ڪيو ويو. انهي دوران عليان جي وارثن رينجرز سان رابطو ڪري مامري کان آگاهه ڪيو. عليان جي وارثن سي ٽي ڊي ٿاڻي ٻاهران اهلڪار کي ڏيڍ لک ڏنا ته رينجرز پهچي وئي، رينجرز اسان سان رابطو ڪري سڄي معاملي کان آگاهه ڪيو، اسان عليان کي آزاد ڪرائي رينجرز حوالي ڪيو. ڊي آئي جي موجب ايس ايچ او امداد خواجا، سب انسپيڪٽر سميت ٻن اهلڪارن کي معطل ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. انفارمر سميت مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

Read Previous

هڪ جج ثبوتن بنا ڪيئن منهنجي ساک خراب ڪري سگهي ٿو، آئون اِن تي سمجهوتو نه ڪندس: سينيٽر فيصل واوڊا

Read Next

غريب سان شادي نه ڪنديس: ملائيڪا رياض کي امير گهوٽ جي ڳولا

Most Popular