گمبٽ ڀرسان شئي وٺڻ ويل معصوم ٻارڙي سان دڪاندار جي لڄالٽ، گرفتار

گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ڀرسان دڪان تان شئي وٺڻ ويل معصوم ٻارڙي سان جوابدار جي زيادتي، ڪيس داخل، دڪاندار گرفتار

خبر موجب فقيرآباد ۾ 6 ورهين جي معصوم ٻارڙي قرت العين گلال کي دڪاندار امير علي گلال دڪان اندر زيادتي جو نشانو بڻايو، ٻارڙي جي وارثن ٿاڻي تي پهچي جوابدار خلاف خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ٻارڙي جي وارثن ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته قرت العين گلال گهر ڀرسان دڪان تان ڳنڍو وٺڻ لاءِ وئي ته دڪاندار امير علي گلال کيس زيادتي جو نشانو بڻايو، اهڙي دانهن کڻي محلي جي چڱي مڙس ڏانھن وياسين پر هو نه مليو، جنهن بعد گمبٽ ٿاڻي تي پهچي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي

ميڊيڪل لاءِ ليٽر وٺي گمس اسپتال ۾ ٻارڙي جا ڊاڪٽرياڻي جزا پڻ ورتا آهن، پوليس ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو

Read Previous

غريب سان شادي نه ڪنديس: ملائيڪا رياض کي امير گهوٽ جي ڳولا

Read Next

 حڪومت طرفان ڪرغزستان معاملي تي جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان

Most Popular