آءِ ايم ايف سان ڳالهيون، گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد: (اربع: 22 مئي 2024ع) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين لاءِ وفاقي سرڪار گهريلو، ڀاڻ، سي اين جي ۽ سيمنٽ سيڪٽر لاءِ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون.

ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد کي گئس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ٽي پلان ڏنا ويا آهن، آءِ ايم ايف کي فرٽيلائزر پلانٽس لاءِ به گئس جي اگهن ۾ واڌ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن.

ان کانسواءِ گئس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ڊيويڊنڊ اسڪيم تي به مشاورت ڪئي وئي آهي، اوڳاڙين، سڌارن ۽ ٽيرف بابت ڊيٽا آءِ ايم ايف سان وقت سر شيئر ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد سان گئس سيڪٽر لاءِ ٽيرف، گردشي قرض ۽ ريفارمز تي ڳالهيون ٿينديون، آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان ۾ آگسٽ کان گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ بل 100 کان 400 رپين تائين وڌائڻ جي تجويز آهي.

ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان موجب تندورن لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

Read Previous

ڪراچي سميت سنڌ ۾ وڌي ويل گرميءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

Read Next

افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي: آءِ ايس پي آر

Most Popular