لاهور: (خميس: 30 مئي2024ع) پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ ايم ايم ون ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ٿي ويو آهي.
پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون شيچانگ سيٽلائٽ لانچنگ سينٽر چين سان خلا لاءِ روانو ڪيو ويو. سيٽلائيٽ اسپارڪو ۽ چائنيز ايروسپين انڊسٽري جي گڏيل تعاون سان ٺاهيو ويو آهي.
پاڪ سيٽ ايم ايم ون 15 سالن تائين ڪم ڪندو. ان سان پاڪستان ۾ ٽي وي نشريات، سيلولر فون سروس ۽ برانڊ بينڊ سروس بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ سيٽ ون ايم ايم هلندڙ سال آگسٽ ۾ سروس فراهم ڪرڻ شروع ڪندو.
مواصلاتي سسٽم پوري پاڪستان کي ڪوريج فراهم ڪندي ڪي اي هينڊ 10 گيگابائٽس في سيڪنڊ صلاحيت رکي ٿو.
ياد رهي ته هن وقت پاڪستان جا 2 ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽس خلا ۾ موجود آهن. پاڪ سيٽ ون آر 2011 ۾ لانچ ڪيو ويو هو، ان جي ڊيزائن لائف 15 سال هئي جيڪا 2026 ۾ مڪمل ٿي ويندي.
پاڪستان جو هڪ ٻيو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ به خلا ۾ موجود آهي. پي آر ايس ايس ون 2018 ۾ لانچ ڪيو ويو هو، پاڪستان تازو ئي پنهنجو پهريون قمري مصنوعي سيارو آئي ڪيوب قمر به لانچ ڪيو آهي.