پاڪستان جو جديد سيٽلائيٽ ايم ايم ون خلا ۾ روانو

لاهور: (خميس: 30 مئي2024ع) پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ ايم ايم ون ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ٿي ويو آهي.

پاڪستان جو جديد ڪميونيڪيشن سيٽلائٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون شيچانگ سيٽلائٽ لانچنگ سينٽر چين سان خلا لاءِ روانو ڪيو ويو. سيٽلائيٽ اسپارڪو ۽ چائنيز ايروسپين انڊسٽري جي گڏيل تعاون سان ٺاهيو ويو آهي.

پاڪ سيٽ ايم ايم ون 15 سالن تائين ڪم ڪندو. ان سان پاڪستان ۾ ٽي وي نشريات، سيلولر فون سروس ۽ برانڊ بينڊ سروس بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ سيٽ ون ايم ايم هلندڙ سال آگسٽ ۾ سروس فراهم ڪرڻ شروع ڪندو.

مواصلاتي سسٽم پوري پاڪستان کي ڪوريج فراهم ڪندي ڪي اي هينڊ 10 گيگابائٽس في سيڪنڊ صلاحيت رکي ٿو.

ياد رهي ته هن وقت پاڪستان جا 2 ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽس خلا ۾ موجود آهن. پاڪ سيٽ ون آر 2011 ۾ لانچ ڪيو ويو هو، ان جي ڊيزائن لائف 15 سال هئي جيڪا 2026 ۾ مڪمل ٿي ويندي.

پاڪستان جو هڪ ٻيو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ به خلا ۾ موجود آهي. پي آر ايس ايس ون 2018 ۾ لانچ ڪيو ويو هو، پاڪستان تازو ئي پنهنجو پهريون قمري مصنوعي سيارو آئي ڪيوب قمر به لانچ ڪيو  آهي.

Read Previous

ميٽرڪ بورڊ ڪراچي 28 مئي تي ملتوي ٿيل پرچي جي نئين تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪراچي ۾ 8 جوابدارن جي گاڏي مٿان فائرنگ: 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

Most Popular