اسٽيل مل بند ٿيندي نه نجڪاري، ان کي هلايو ويندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (خميس: 30 مئي2024ع) سنڌ جي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اسٽيل مل کي نه بند ڪنداسين نه ئي وري نجڪاري ڪنداسين، اسٽيل مل کي هلايو ويندو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪابينه اجلاس ۾ پراڻن مسئلن تي اڳڀرائي ٿي، ڪابينه اجلاس ۾ سنڌ جي بهتري لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪابينه اجلاس ۾ سنڌ جي مسئلن ۽ نون استادن جي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

شرجيل ميمڻ چيو ته سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي سنڌ سولڊ ويسٽ مينجمينٽ جي لاءِ ساليانو 30 ارب خرچ ڪري رهيا آهيون، ڪوبه گهر جي ٻاهران ڪچرو اڇليندو ته ان کي گرفتار ڪيو ويندو.

سينئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ مان ڪچرو فوري طور تي کنيو پيو وڃي. جيڪو بلڊر به گهر ڊاهي ٿو اهو ملبو روڊن تي اڇلي ڇڏيندو آهي. هاڻ جيڪو به ملبو روڊن تي اڇليندو ان کي گرفتار ڪيو ويندو. ايس ايڇ او به نظر رکندا، ڪوبه روڊ تي ملبو اڇليندو ان کي گرفتار ڪنداسين. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٽوٽل 48 کاتا آهن جن مان 16 کاتن کي ڊيجيٽلائز ڪرڻ وڃي رهيا آهيون سنڌ ۾ ون اسٽاپ شاپ جي منظوري ڏني وئي.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته اسٽيل مل کي نه بند ڪنداسين نه ئي وري نجڪاري ڪنداسين، اسٽيل مل کي هلايو ويندو اسٽيل مل کي اسان پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪابينه اجلاس ۾ سنڌ جي مسئلن ۽ نون استادن جي مسئلن تي ڳالهيون ٿيون، ڪابينه ۾ اوٻاوڙو ۾ استادن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي.

هن ٻڌايو ته ملير ايڪسپريس وي تي 100 ايڪڙ زمين اسپيشل ٻارن کي ڏني پئي وڃي، اسٽيٽ آف دي آرٽ ادارو قائم ڪيو ويندو اهڙو ادارو پاڪستان ۾ نه آهي. پ پ اڳواڻن  جي ذاتي دلچسپي سبب اسان خصوصي ٻارن جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. اسٽيٽ آف دي آرٽ ۾ ٻارن جي لاءِ اسڪول اسپتال، آٽيزم سينٽر ۽ پلي گرائونڊ هوندو.

هن چيو ته اليڪٽريڪل گاڏين جي رجسٽريشن جو مسئلو هو، اي وي گاڏيون هاڻ آساني سان رجسٽرڊ ڪرائي سگهون ٿا، اي وي گاڏي رجسٽريشن جي چارجز 1000 روپيه آهي، 50 اي وي بسون آنديون آهن، ٽرائل بيس تي هلايون هيون، ان جي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن بجيٽ اجازت ڏني ته 8000 اي وي بسن تائين به وڃي سگهون ٿا.

Read Previous

بجيٽ ۾ کنڊ، پتي، چانور ۽ اٽو مهانگو ٿيڻ جو امڪان

Read Next

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

Most Popular