حيدرآباد ۾ گئس سلينڊرزڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو

حيدرآباد ۾ گئس سلينڊرز جي دڪان اندر ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، زخمين مان اڄ وڌيڪ 2 ڄڻن سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ دم ڏنو

 گذريل رات 4 زخمي فوت ٿيا هئا، سول اسپتال حيدرآباد مان اڄ وڌيڪ 4 زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، 50 زخمين مان ڪراچي منتقل ڪيل زخمين جو انگ وڌي 28 ٿي ويو

گذريل ڏينهن حيدرآباد جي نوراني بستي ۾ سلينڊرز جي دڪان ۾ ڌماڪي ۽ باهه ڀڙڪڻ سبب 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا

 زخمين جو حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو وڌي ويو

Read Previous

9 مئي جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ لازمي آهي: آرمي چيف

Read Next

بڊاڻي ڀرسان هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، 3 ڄڻا محفوظ

Most Popular