يورپي ملڪ اسپين فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو

يورپي ملڪ اسپين فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو، اسپيني وزيراعظم پيڊرو سانچيز پاڻ اعلان ڪيو

 پيڊرو سانچيز چيو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ تاريخي گهڙي آهي، فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ گڏيل قومن جي قراردادن موجب آهي

هن چيو ته فلسطينين تي ڪيل ظلمن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، اسپين جي اعلان سان فلسطين کي تسليم ڪندڙ ملڪن جو انگ 146 ٿي ويو، آئرلينڊ ۽ ناروي پاران به فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

Read Previous

آءِ سي سي ٽي وئنٽي ورلڊڪپ جي پهرين سپر اوور ۾ نميبيا عمان کي 11 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

آمريڪا جو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جعلسازي سميت 34 الزامن ۾ ڏوهاري قرار

Most Popular