سنڌ سرڪار پاران فرحت جوڻيجو کي سنڌ بدر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اينٽي ڪرپشن کاتي جي ھٽايل چيئرمين پاران کاتي ۾ مبينا ڪرپشن جا راز فاش ڪرڻ بعد سنڌ سرڪار پاران فرحت جوڻيجو کي سنڌ بدر ڪرڻ جو فيصلو, اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير به پارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪئي

ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آھي ته اينٽي ڪرپشن جي اڳوڻي چيئرمين فرحت جوڻيجو پاران اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ مبينا ڪرپشن بابت ڪيل انڪشاف کانپوءِ سنڌ سرڪار سندس خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي

گريڊ 21 جي پي ايس پي آفيسر  فرحت جوڻيجو کي 31 مئي تي سنڌ سرڪار اينٽي ڪرپشن  چيئرمين جي عھدي تان ھٽايو ھو، جنهن ڪالهه اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين واري عھدي جي چارج ڇڏي ڏني

ان حوالي سان پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي فرحت جوڻيجو ٻڌايو ته  کيس سنڌ بدر ڪرڻ يا سندس خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ  بابت ڪنهن ليٽر جي ڪا خبر ناھي پر ھن به ٻڌو آھي ته کيس سنڌ مان ڪڍڻ بابت ڳالهيون ٿي رھيون آھن،  ٿي سگھي ٿو ته اهڙو ليٽر ڪو ڳجھو رکيو وڃي، باقي مون چيئرمين اينٽي ڪرپشن جي عھدي جي چارج ڇڏي ڏني آھي

ھوڏانھن ڪالهه  اينٽي ڪرپشن واري وزير محمد بخش مھر پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري  کيس سنڌ ۾ ڪرپشن  خلاف شروع ڪيل انڪوائريز بابت آگاھي ڏني آھي

Read Previous

آمريڪا جو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جعلسازي سميت 34 الزامن ۾ ڏوهاري قرار

Read Next

حيدرآباد سلينڊر ڌماڪي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 12 ٿي ويو

Most Popular