حيدرآباد سلينڊر ڌماڪي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ وڌي 12ٿي ويو، زخمي محمد اڪرم آرائين ۽ 4 ورهين جي نينگر علي رضا سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو
ٽن ڏينهن بعد واقعي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو ايل پي جي جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري، ڪيترائي دڪان سيل ڪيا ويا
پڃاري ٿاڻي تي ايس ايڇ او لياقت ڪنڀر جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ اڄ فوت ٿيل اڪرم آرائين، دڪان مالڪ بابو قريشي ۽ سندس پٽ علي قريشي نامزد ڪيا ويا
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته سلنڊرز جو پلانٽ لڳائيندڙ اڪرم آرائين ۽ دوڪان مالڪ بابو قريشي اسان کان اجازت نه ورتي هئي
سلنڊر ڌماڪا سانحي ۾ انساني حياتيون ضايع ٿيڻ بعد انتظاميا پاران ايل پي جي جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي
ڊي سي حيدرآباد جو چوڻ آهي ته هيل تائين 90 دوڪان سيل ڪيا ويا آهن، شهري انتظاميا سان سهڪار ڪن، غيرقانوني سلينڊرن دڪانن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون