عمران خان ۽ قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم، ٻئي آجا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کين آجو ڪري ڇڏيو.
اپيلون ٻڌندڙ بئنچ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل هئا، بئنچ اڄ ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.
پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق مختصر فيصلو ٻڌائيندي عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جون اپيلون منظور ڪري ورتيون.
فيصلو ٻڌائڻ وقت تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت هاءِ ڪورٽ ۾ موجود هئي، جڏهن ته عمران خان جون ڀينرون، شاهه محمود قريشي جي گهرواري ۽ ڌيئرون به عدالتي ڪمري ۾ موجود هيون.
واضح رهي ته خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

Read Previous

ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هلندڙ هفتي تيز هوائن، گجگوڙ سان گڏ برسات جا امڪان

Read Next

سولر پينلز جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي

Most Popular