سولر پينلز جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي

ڪوئيٽه: (رپورٽر) ڪوئيٽه ۾ ٻن مهينن دوران سولر پينلز جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

مارڪيٽ ذريعن موجب شهر ۾ مختلف سولر پينلز 7 هزار کان 30 هزار رپين تائين وڪرو ڪيا پيا وڃن.

ذريعن موجب مارڪيٽ ۾ 150 واٽ جي سولر پليٽ 7 هزار رپيا، 200 واٽ جي پليٽ 11 هزار جڏهن ته 300 واٽ جو سولر پينل 17 هزار رپين ۾وڪرو ڪيو پيو وڃي.

ڪوئيٽه ۾ 500 واٽ جو سولر پينل 25 کان 30 هزار رپين ۾ وڪرو ٿئي پيو.

Read Previous

عمران خان ۽ قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم، ٻئي آجا

Read Next

سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم ٿيڻ تي پي ٽي آءِ باني جو ردعمل اچي ويو

Most Popular