جاويد هاشمي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، پي ٽي آءِ سان گڏجي تحريڪ هلائڻ تي ڳالهيون

ملتان: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينئر سياستدان جاويد هاشمي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾  حڪومت مخالف تحريڪ جي حمايت ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان جاويد هاشمي سان پي ٽي آءِ سان گڏجي حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ تي ڳالهيون ڪيون.

ملاقات ۾ جاويد هاشمي امڪاني تحريڪ ۾ مولانا فضل الرحمان کي پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياري ڇڏيو.

ان کان اڳ مظفر ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪندي چيو ته حڪومت بڻجندي ته صرف عوام جي مرضي سان بڻجندي.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان عوام جي حقن سان مذاق ڪندا رهو اهو نٿو ٿي سگهي ته ٽنگ تي ٽنگ رکي چوندا رهو ته عوام جي ڪهڙي حيثيت آهي.؟

Read Previous

سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم ٿيڻ تي پي ٽي آءِ باني جو ردعمل اچي ويو

Read Next

مولانا فضل الرحمان جو پي ٽي آءِ سان ويهڻ قيامت جي نشاني آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

Most Popular