مولانا فضل الرحمان جو پي ٽي آءِ سان ويهڻ قيامت جي نشاني آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

لاهور: (اڱارو: 04 جون 2024ع) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جيڪڏهن تحريڪ انصاف سان ويهي ته اها قيامت جي نشاني هوندي.

ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان وٽو سان لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملين تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي مجبورين جو احساس آهي هاڻ انهي جي سخت جملن جواب نه ڏيندس، کيس چوندس ته ڳالهين جي ذريعي مسئلي جو حل ڳوليو.

هن چيو ته صوبائي حڪومت بجيٽ ۾ تعليم جي لاءِ 3 ارب روپيه رکيا هئا پر خرچ هڪ روپيو به نه ڪيو ويو. فيصل ڪريم ڪنڊي مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ جي حوالي سان هن چيو ته جيڪڏهن مولانا تحريڪ انصاف سان ويهي ته اها قيامت جي نشاني هوندي اسان ته انتظار ڪري رهيا آهيون ته مولانا ۽ گنڊاپور هڪ ٽرڪ تي عوام کي خطاب ڪن.

Read Previous

جاويد هاشمي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، پي ٽي آءِ سان گڏجي تحريڪ هلائڻ تي ڳالهيون

Read Next

وفاقي حڪومت ڇنڇر جي موڪل ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

Most Popular